ٽوپڻ شيخ

ٽوپڻ شيخ: هي سيوهڻ جي بزرگن مان هو. سندس مزار شهر کان ٽن ڪوهن تي جبل اندر واهي واري چشمي تي آهي. قاضي ڏتو ۽ سندس ڀائر قاضي ادريس ۽ قاضي عبداللطيف هن جا همعصر بزرگ ۽ ملاقاتي هئا. وفات کان پوءِ ڪنهن شخص سندس قبر جي مٿان قبو جوڙايو هو. هن جي مزار تي اڪثر ماڻهو واريءَ سان ڪنو ڀري رکندا آهن. ٻئي ڏينهن اها واري زمين ۾ ڇٽي کيڙ ڪندا آهن. سندس چوڻ موجب ائين ڪرڻ سان سندس فصل ڀلو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ به ڪيتريون روايتون هن بزرگ ڏانهن منسوب آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو